سيده بيگم

سيده بيگم: سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي جيون ساٿڻ، بيبي سيده بيگم جو والد مرزا مغل بيگ هو، جيڪو شاهه حبيب جو عقيدتمند ۽ مريد هو ۽ بيماري سيماريءَ ۾ کانئس دعا ڦيڻو ڪرائيندو هو. راويت آهي ته هڪ ڀيري پيءُ جي بيماريءَ سبب سندس حڪم تي شاهه لطيف دعا لاءِ مرزا مغل بيگ جي گھر ويو، سندس ڌيءَ بيبي سيده بيگم بيمار هئي. شاهه جيئن ئي سندس نبض ڏسڻ لاءِ يا دعا لاءِ سندس هٿ جھليو ته بي ساخته چئي ويٺو ’جنهن جي چيچ سيد هٿ ۾، تنهن کي لهر نه ڪو لوڏو‘ ۽ سندس دل ۾ سيده بيگم جي محبت مچ مچائي ڇڏيو.
ڪي عالم ان واقعي کي قبول نه ٿا ڪن. روايتون مرزا مغل بيگ جي ڪاوڙ، سيدن سان مخالفت ۽ دل ذات جي ماڻهن هٿان جهيڙي ۾ سندس مارجڻ بابت ملن ٿيون. چون ٿا ته جڏهن مرزا مغل مارجي ويو ته ڪنهن سندس وفات جي قطع تاريخ ۾ سندس گلا ڪئي، ان تي شاهه صاحب في البديهه وراڻيو، ’يڪ مغل بهه بود‘ (’هو هڪ بهتر‘ مغل هو) مادو ڪڍيو ويو ته مغل بيگ جي قتل واري تاريخ نڪتي. مغل بيگ جي وفات کان پوءِ سندن خاندان جي عورتن، شاهه صاحب جي سيده بيگم سان شادي ڪرائي. شاهه صاحب سان شاديءَ کانپوءِ سيده بيگم کي مريدن ’تاج المخدرات‘ (پرديدار عورتن جو تاج) جو لقب ڏنو. سندس اعليٰ ڪردار جو تاريخن ۾ ذڪر ملي ٿو. سندس حوالي سان محققن لکيو آهي ته هوءَ هڪ پرهيزگار ۽ سگھڙ عورت هئي، منجھس وڏائي بنهه ڪانه هئي. هوءَ پنهنجي گھر جو ڪم پنهنجي هٿن سان ڪندي هئي. سيده بيگم سان منسوب هڪ روايت آهي ته شاديءَ کانپوءِ بيبي صاحبه اميد سان ٿي ۽ پلي کائڻ جي خواهش ظاهر ڪيائين، جنهن لاءِ شاهه صاحب جو هڪ فقير ڊوڙندو پئي ويو ته شاهه صاحب کانئس سبب پڇيو، جواب معلوم ٿيڻ تي پاڻ چيائين ته: ”اهڙو اولاد مون کي نه گھرجي، جيڪو اڃا ڄائو ئي ڪونهي ته منهنجن فقيرن کي ڊوڙائيندو وتي ۽ ڄمندو ته الائي ڇا ڪندو!“ چون ٿا ته بيبي سيده بيگم جو اهو ٻار پيٽ ۾ ئي سُڪي ويو. سيده بيگم، شاهه لطيف جي زندگيءَ ۾ ئي وفات ڪئي.


لفظ سيده بيگمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو